ڀٽن پهريا ويس

ڀٽن پهريا ويس

ڀٽن پهريا ويس

ڀٽن پهريا ويس (ڪتاب ):هيءُ مجموعو خوبصورت هائيڪن تي مشتمل آهي، اديب ۽ سينيٽر مولا بخش چانڊيي جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ليوبڪس اسلام آباد پاران 1996ع ۾ ڇپيو. چار رنگي ٽائيٽل واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 140 کن هائيڪا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي ۽ جامي چانڊيي جو تاثر به ان ۾ شامل آهي. جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي نامياري ليکڪ مظهر الاسلام جا تاثر پڻ ڇپيل آهن. 97 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 128 رپيا لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب شاعر پنهنجي ڀاءُ شهيد امتياز احمد چانڊيي جي نالي ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو